GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ذاتي حملن بدران اشوز تي ڳالهائڻ سان ايوان خوشگوار ماحول ۾ هلي سگهي ٿو: سردار اياز صادق

image

اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ذاتي حملن بدران اشوز تي ڳالهائڻ سان ايوان خوشگوار ماحول ۾ هلي سگهي ٿو، تلخيون گهٽ ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، پارليامينٽ ۾ اشوز کي بحث هيٺ آندو وڃي، پروڊڪشن آرڊرز جهڙن اشوز تي ڪوشش هوندي آهي ته پهرين غلط ٿيو آهي ته هاڻي نه ٿيڻ گهرجي، چئني صوبن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان اسيمبلين وچ ۾ تعاون، هم آهنگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سيڪريٽريز، چيف وهپس ۽ پي اي سي ميمبرن جون ايسوسيئيشنز ٺاهيون وڃن، اسپيڪر ۽ جج جو منصب اهم هوندو آهي، ان منصب تي ويهي ڪيترائي راز رکڻا پوندا آهن. قومي اسيمبلي جو اسپيڪر پارليامينٽ هائوس ۾ 18 هين اسپيڪرز ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.

ڪانفرنس ۾ ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، قومي اسميبلي جو سيڪريٽري جنرل طاهر حسين، چئني صوبائي اسيمبلين، آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جا اسپيڪرز، سيڪريٽريز، پارلياماني پارٽين جا نمائندا ۽ پارليامينٽ جا نمائندا شريڪ هئا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق 18 هين اسپيڪرز ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته اسپيڪر جو ڪم سڀني کان ڏکيو هوندو آهي، مخالف ڌر کي وڌيڪ وقت ڏيون ته حڪومت، حڪومت کي وقت ڏيون ته مخالف ڌر، پهرين قطار واري کي ڏيون ته پوئين قطار وارا ناراض ٿي ويندا آهن. هن چيو ته پروڊڪشن آرڊرز جهڙن اشوز تي ڪوشش هوندي آهي ته پهرين جيڪڏهن غلط ٿيو آهي ته هاڻي نه ٿيڻ گهرجي،اسان کي هڪٻئي جو تحفظ ڪرڻو آهي ۽ بنا ڪنهن دٻاءُ جي ايوان کي به هلائڻو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ، سينيٽ سيڪريٽريٽ، چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سيڪريٽريٽ جو ان ڪانفرنس کي منعقد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته اها ڳالهه رولز ۾ شامل ڪري رهيا آهيون ته اسپيڪرز ڪانفرنس سالياني هجڻ گهرجي. ايندڙ ڪانفرنس جي تاريخ ۽ هنڌ جو اعلان پڄاڻي واري ويهڪ ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته 2013ع ۾ قومي اسيمبلي کي يونيورسٽي ۽ ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ کوليو ويو، اسان وٽ انٽرنشپ لاءِ ساڍا 3 هزار درخواستون آهن، سرڪاري اسڪولن کان پڙهيل ۽ موقعن کان محروم ٻارن کي انٽرنشپ جو موقعو ڏئي رهيا آهيون. صوبائي اسيمبليون به ڪاليجز ۽ اسڪولن جي ٻارن کي انٽرنشپ جو موقعو فراهم ڪن. هن چيو ته ايوان ۾ وهپس جو ڪردار وزيرن کان وڌيڪ آهي. اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته سمورن ميمبرن کي ڳالهائڻ جو برابر حق ڏيون، ان لاءِ مشاورت سان هلڻ گهرجي. هن تجويز ڏني ته سيڪريٽريز، پارٽي وهپس ۽ صوبائي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ميمبرن جون ڌار ڌار ايسوسيئيشنز ٺاهيون وڃن جيڪي روزاني جي بنياد تي رابطي ۾ رهن ۽ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻن. هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوري نظام جي خاتمي سان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي بيڪ لاگ ٿي جنهن جو وڏو حصو چوڌري نثار علي خان ۽ سيد خورشيد شاهه پنهنجي دورن ۾ ختم ڪيو. پي اي سي جي سب ڪميٽي ۽ مانيٽرنگ ڪميٽيون ٺاهي معاملن کي شفاف بڻايو ويندو آهي. اسان ادارن کي ان ڳالهه جو پابند ڪريون ٿا ته انهن جي اندر آڊٽ ڪميٽين جا باقاعدگي سان اجلاس ٿين. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ذريعي اربين روپين جون وصوليون ڪيون آهن. اسپيڪر چيو ته صوبائي اسيمبليون پنهنجي قانونسازي ڪري پي اي سي جي ڪردار کي موثر ٺاهين. هن چيو ته اهڙا فيصلا ڪريو جنهن جي نتيجي ۾ اسان هڪٻئي سان گڏجي ويهي بهتري آڻي سگهون. هن چيو ته معيشت، ماحولياتي تبديلين، بيروزگاري جهڙن اشوز تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي اشوز تي ڳالهائڻو پوندو ڪنهن جي ذات تي حملو نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي پي آءِ پي ايس کان مڪمل تعاون مليو آهي. پي آءِ پي ايس لاءِ نصاب ٺاهيو وڃي ۽ سمورين صوبائي اسيمبلين جي ماڻهن کي اتي ڪورسز ڪرايا وڃن. قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري جنرل طاهر حسين اسپيڪرز ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته ان ڪانفرنس کي مستقل فورم فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تجويز هئي ته ان حوالي سان هر 6 مهينن بعد ڪانفرنس منعقد ڪئي وڃي ۽ اسپيڪر فورم قائم ڪيو وڃي، هن چيو ته سمورن مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ٿيندو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هن فورم سان پاڪستان ۽ ان جي عوام جو فائدو ٿيندو. سينيٽر ممتاز زيدي سينيٽ جي نمائندگي ڪندي چيو ته اڄ اسان ان لاءِ گڏ ٿيا آهيون ته پارليامينٽ کي مضبوط ۽ قانونسازي کي موثر بڻايو وڃي. هن چيو ته ڊسمبر 22 کان عورتن جي حقن جي حوالي سان ٽن ڏينهن واريون سرگرميون منعقد ڪيون پيون وڃن، هن چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽين خاص ڪري پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي شفافيت، نگراني ۽ بهتري ۾ ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. آزاد ڪشمير اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري مجيد اڪبر چيو ته 18 هين اسپيڪرز ڪانفرنس کي خطاب منهنجي لاءِ فخر جوڳو آهي، هن فورم ذريعي هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ، تجويزن جي مٽاسٽا، پارلياماني روايتن، اسيمبلي ۾ پيش ٿيل معاملن جو حل ملندو. هن چيو ته گڏيل مسئلن جو مناسب حل مشاورت سان ئي ممڪن آهي. هن ايندڙ اسپيڪرز ڪانفرنس مظفرآباد ۾ منعقد ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن ڀارتي حڪومت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙن حربن سان آزادي واري تحريڪ کي نٿو دٻائي سگهجي. بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي چيو ته اسان سڀني کي ان شيءَ کي نظر رکڻ گهرجي ته ملڪ اندر ڇا ٿي رهيو آهي ۽ مسئلن جو حل ڪيئن ڪڍي سگهجي ٿو. هن چيو ته بلوچستان اندر ڪجهه ماڻهن طرفان مسئلا پيدا ڪيا پيا وڃن پر اتي جا سيڪيورٽي ادارا ان ڳالهه تي متفق آهن ته بلوچستان کي اڳتي وٺي هلڻو آهي ۽ ان حوالي سان مسلسل ڪوشش جاري آهي. گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپيڪر نذير احمد چيو ته هن ڪانفرنس سان پاڪستان ۾ پارلياماني بالادستي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي، هن ڪانفرنس سان وفاق ۽ وفاقي ايڪن جو اعتماد وڌندو. پارلياماني پريڪٽس، رولز، قانونسازي، پارلياماني جمهوريت جي مضبوطي لاءِ گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملندو. خيبرپختونخوا اسيمبلي جي اسپيڪر بابر خان سواتي چيو ته اهي سموريون جمهوري قوتون واکاڻ جوڳيون آهن جن مشڪلاتن جي باوجود حوصلا نه ڇڏيا. اهڙا ڪا سياسي پارٽي ناهي جنهن جي قيادت کي تشدد جو نشانو نه بڻايو ويو هجي يا جيلن ۾ نه وئي هئي ان جي باوجود اسان سڀ گڏجي ويٺل آهيون اهو جمهوريت جي مضبوطي جو واضح مثال آهي. هن چيو ته سياسي قوتون ۽ سياسي ورڪرز هميشه آئين ۽ قانون جي بالادستي تي يقين رکن ٿا.پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو ته هن ڪانفرنس جو مقصد آئيني طريقيڪار، قانونسازي کي بهتر ڪرڻ، اسان جي ڪوشش هجڻ گهرجي ته هي ڪانفرنس تسلسل سان منعقد ٿيندي رهي، 10 سال ڪانفرنس نه ٿيڻ سٺو پيغام نه آهي، هن چيو ته هن فورم ۾ قانونسازي، رولز، وزارتن ۽ ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ، 18 هين ترميم کانپوءِ وزارتون ۽ ادارا صوبن ڏانهن وڃڻ کانپوءِ پيچيدگين جي حل لاءِ ٺوس پاليسين تي ڳالهه ڪرڻي پوندي. هن تجويز ڏني ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل وانگر اسپيڪرز ڪانفرنس کي به مستقل حيثيت ڏني وڃي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه چيو ته پارليامينٽ صرف هڪ عمارت ناهي، پر ان جي اندر ويٺل قانونساز ان جا اصل ڪردار آهن. قانونسازن کي بهتر ٽيڪنالاجيز کان روشناس ڪرايو وڃي، سيمينار منعقد ڪيو وڃي، ٻين ملڪن جي قانونسازن سان تعاون کي وڌايو وڃي، ٻين ملڪن ۾ قانونسازي جي نوعيت ۽ ان جي مستقبل جي منصوبن جو جائزو ورتو وڃي. هن چيو ته هر شيءَ جو حل پارليامينٽ اندر ئي آهي. هن چيو ته اسان جي پارٽي جي چيئرمين مون کي اسپيڪر آفيس سنڀالڻ کان اڳ تلقين ڪئي ته سڀني کي ٻڌڻڻ ۽ هر نظريي جي عزت ڪرڻي آهي. اسپيڪر آفيس غير جانبدار ۽ ذميوار هوندي آهي ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جي پابند هوندي آهي، هن چيو ته اسان جي ضرورت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ آهي، 2008ع ۾ جمهوريت بحال ٿي ۽ اڄ 2024ع آهي، اڄ 2008ع ۾ پيدا ٿيل ٻار 17 سالن جون ٿي چڪو آهي، ڇا اسان ان ٻار کي درست رخ ، مثبت سوچ ۽ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪيا آهن. هن چيو ته مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن اسان جي نوجوانن کي متاثر ڪيو آهي، هي وقت آهي ته سمورا قانونساز ادارا ان چئلينج مان سرخرو ٿيڻ جو حل پيش ڪن. هن چيو ته اسان سنڌ اسيمبلي کي پيپرليس ڪرڻ، مصنوعي ذهانت ذريعي قانونسازي کي موثر بڻائڻ جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهيون.

مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں