حسن ابدال – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا جنهن کي ٻاهران قرض نه گهرڻا پون، معيشت تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، ايم ايل ون جي صورت ۾ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو چين وڏي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، پاڪستان سياحت جي حوالي سان وڏو مرڪز بڻجندو. اهڙن خيالن جو اظهار حسن ابدال ۾ ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته نئين پاڪستان ۾ ريلوي جي وڏي اه??يت آهي ڇو ته ريل جي ذريعي عام ماڻهو سستو ۽ آرامده سفر ڪندو آهي. سڄي دن??ا ۾ ريل جو سفر بهترين ذريعو آهي، وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته انگريزن جي ڏنل ريلوي نظام کي ترقي نه ڏني وئي، ان کي توسيع ڏيڻ بدران ان ۾ 50 ڪلوميٽر جي گهٽتائي ٿي، هن چيو ته چين دن??ا ۾ سڀ کان تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ آهي ۽ چين پنهنجي ملڪ ۾ دن??ا جو تيز تري?? ريلوي جو نظام وڇايو آهي، چين جي مدد سان ملڪ ۾ پهرين ڀيرو وڏي سيڙپڪاري اچي رهي آهي، ايم ايل ون 9 ارب ڊالر جو منصوبو آهي.