اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته تمام ج??د ملڪي معيشت کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ??ينداسين، اها ڳالهه هن اسٽيٽ بئن?? جي گورنر رضا باقر سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات دوران مل?? جي مجموعي اقتصادي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسٽيٽ بئن?? جي گورنر اسٽيٽ بئن?? جي ڪارڪردگي، پرڏيهي ناڻي جي شرح ۾ اضافي ۽ مالياتي اشارن جي حوالي سان پرڏيهي وزير کي بريفنگ ڏني، پرڏيهي وزير چيو ??ه ڪورونا عالمي وبا پوري دنيا جي معيشت کي شديد متاثر ڪيو آهي، ڪورونا جي ڪري پاڪستان جهڙي اسرنڊدڙ ملڪ ۽ محدود وسيلا رکندڙ ملڪ معاشي طور تي شديد متاثر ٿيا آهن، ڪورونا عالمي وبائي چئلينجن جي باوجود پرڏيهي ناڻي جي شرح ۾ اضافو، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو موجوده حڪوم?? جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار آهي.