اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ ج?? گهرواريءَ ۽ پيس اينڊ ڪلچر آرگنا??يز??شن جي چيئرپرسن مشعال ملڪ چيو آهي ته ڪشمير ڪاز تي سموريون سياسي ??ارٽيون متحد آهن، ڀارت پاڪستاني سياسي ??ارٽين کي ورهائڻ چاهي ٿو، ڪرپشن جي خلاف جلسا ڪرڻ ۽ ووٽ کي عزت ڏيڻ تي جلسا ڪندڙ ڪشمير مسئلي تي فوڪس ڪن، ڀارت کان شمله معاهدي بعد ڳالهين جا ڪيترائي دور ڏسي ??رتا، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن سان حل ڪرائڻو پوندو. اسلام آباد کان راولپنڊي پريس ڪلب تائين ڪڍيل ڪشمير ريلي کانپوءِ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي مشعال ملڪ چيو ته ڪشمير ڪاز تي سموريون سياسي ??ارٽيون متحد آهن، ڀارت ۾ هندو توا ۽ آر ايس ايس جو راڄ آهي، ڪشميري اڳواڻ ٻيڙيون ساڙي چڪا آهن هاڻي آزادي کانسواءِ ڪجهه نه، سمورا ڪشميري گرفتار اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي، ياسين ملڪ تهاڙ جيل جي ڊيٿ سيل ۾ آهي، علي گيلاني جي حالت گهڻي خراب آهي، ڪشميري حريت پسند اڳواڻن ۽ قائداعظم جهڙا ليڊر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، ڪشميري 8 لک فوج ج?? گهيراءُ ۾ آهن.