اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان جي عوام ذاتي ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻاهر نه نڪرندي، ادارن تي ڳال??ائ?? پاڪستان کي تمام وڏو نقصان پهچائڻ جي راند کيڏي پئي وڃي، دشمنن جي زبان استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، پوري طرح ادارن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ ڪا به اهڙي ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي جيڪا ملڪ ۽ انهن ماڻهن کي جيڪي هن ملڪ جي لاءِ بيٺا آهن انهن کي نقصان پهچائي سگهي، ڪالهه انهن جو پهريون شو ئي فلاپ ثابت ٿيو، انهن جو ڪو مستقبل ن?? آهي هڪ مهيني جي تيارين جو انجام فلاپ شو جي شڪل ۾ نڪتو. ڪنوينشن سينٽر ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فوا?? حسين سان گڏ صحافين سان ڳال??ائ??ندي اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته گوجرانوالا جيڪو نواز شريف جو سسرال ۽ مريم نواز جو ناناڻو آهي، ان مخالف ڌر جي جلسي جي حوالي سان جنهن سردمهري جو مظاهرو ڪيو آهي ان مان مخالف ڌر کي سمجهڻ گهرجي ته ذاتي ايجنڊا جي تحفظ جي لاءِ ڪير ٻاهر نه نڪرندو.