اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ ٽائيگر فورس ڊي ملهايو پيو وڃي. ٽائيگر فورس ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ تيار آهي. ملڪ ?? پهريون ڀيرو وڻڪاري مهم جي لاءِ جديد ٽڪينالاجي جو استعم??ل ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم ??مران خان ٽائيگر فورس ايپليڪيشن ۾ گرين سيلفي فيچر جي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايپليڪيشن ۾ جيو ٽيڪنگ جي خصوصي سهولت پڻ متعارف ڪرائي وئي. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب ايپليڪيشن ذريعي لڳايل ٻوٽن جي لائيو لوڪيشن ۽ انگ معلوم ڪري سگ??جي ٿو. ٻوٽا لڳائيندڙ رضاڪار ايپليڪيشن ذريعي پنهنجي گرين سيلفي اپ لوڊ ڪري سگ??ندا. نوجوانن ايپليڪيشن جو استعم??ل ڪندي ڪجهه ڪلاڪن دوران 16 هزار ٻوٽا لڳايا. خصوصي ايپليڪيشن پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي تعاون سان تيار ڪئ?? وئي. وزيراعظم ??ي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار چيو ته ملڪي تاريخ ?? پهريون ڀيرو ڊيجيٽل وڻڪاري مهم شروع ٿي آهي، ڪراچي کان خيبر تائين لڳايل هڪ هڪ ٻوٽي جو لائيو رڪارڊ ستياب هوندو، اڪثر مخالف ڌر ميمبرن کي بوٽا ڳڻڻ جو شوق رهي ٿو، هن چيو ته مخالف ڌر ميمبر ايپليڪيشن ڊائون لوڊ ڪري گهر ويٺي ٻوٽو لڳائي سگ??ندا، چاهين ته تجربي طور پنهنجي گهر ۾ ٻوٽو لڳائي لائيو اپ ڊيٽ ڏسي وٺن.