اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ها??وسنگ ۽ تعميرات جي شعبي جي ترقي لاءِ مراعتن ۽ سه??لت?? جو اعلان ڪندي نئين پاڪستان ها??وسنگ پراجيڪٽ لاءِ 30 ارب روپين جي سبسڊي مختص ڪري ڇڏي آهي، پهرين هڪ لک گهرن جي تعمير تي في گهر 3 لک روپيا سبسڊي ڏني ويندي، قرض جي صورت ۾ مارڪ اپ جي شرح پنج مرلي جي گهر جي لاءِ 5 سيڪڙو ۽ 10 مرلي جي گهرن جي لاءِ 7 سيڪڙو هوندي، اين او سي ۽ ٻين سه??لت?? جي لاءِ صوبن سان گڏجي ون ونڊو آپريشن جو آغاز ڪيو ويو آهي، سستن گهرن جي تعمير تي ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، گهر جي خريداري تي آمدني جا ذريعا نه پڇيا ويندا، سمورا ماڻهو 31 ڊسمبر تائين حاصل سه??لت?? مان هر ممڪن فائدو کڻن، ها??وسنگ ۽ تعميرات جي شعبي کي ترقي ڏيڻ سان ملڪي معيشت کي استحڪام ??لندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ها??وسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي پهرين اجلاس کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ??ه ملڪ ۾ ها??وسنگ ۽ تعميرات جي شعبي جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون ۽ مشڪلاتون هيون جنهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قومي رابطا ڪميٽي جوڙي وئي. هن چيو ته نئون پاڪستان ها??وسنگ اسڪيم جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ مختلف رخن ۾ ڪم ڪيو پيو وڃي، گهرن جي لاءِ قرضن جي سهولت بابت قانون نه هو جنهن تي ڪم جاري آهي، صوبن سان گڏجي تعميرات جي صف بابت رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، هن چيو ته ها??وسنگ ۽ تعمرات جي شعبي جي ترقي سان جتي عام ??اڻهن کي پنهنجو گهر بڻائڻ جي سهولت حاصل ٿيندي، اتي روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا ۽ تعميراتي صنعتن جو ڦيٿو هلڻ سان ملڪي معيشت کي به استحڪام ??لندو.