اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان چيو آهي ته اسان سمارٽ لاڪ ڊائون سان صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. عالمي انگريزي رسالي جنهن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون کي ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي قرار ڏنو آهي ان جي رپورٽ تي تبصرو ڪندي ٽوئيٽر پيغام ۾ وزيراعظ?? عمران خان چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون اختيار ڪندڙن ۾ منهنجي ٽيم سرفهرست آهي. مون کي فخر آهي ته ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ بحراني ڪيفيت ۾ ملڪ کي صحيح ر?? ۾ رکڻ جي لاءِ اهي تدبيرون منهنجي ڪم آيون. اڄ کان جيڪڏ??ن اسان ايس او پيز تي عمل ڪريون ٿا ته بحران جي سنگيني مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين، انشاءَ الله.