اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا ج?? تيزي سان پکڙجڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکن??ي سڄي ملڪ ۾ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آئون پاڻ وزيراعظم آفيس مان روزاني جي بنياد تي ان معاملي جي نگراني ڪندس، ج??هن علائقي يا شعبي ۾ به ايس او پيز جي خلاف ورزي ٿي ان کي فوري طور تي بند ڪيو ويندو، ڪورونا ج?? وبا ج?? خلاف ڪم ڪندڙ هيلٿ ورڪرز جهاد ڪري رهيا آهن، حڪومت ا??هن جي لاءِ خاص پئڪيج ڏيندي، منهنجي ٽيم سمورين وفاقي ڌرين ۽ ماهرن سان مڪمل مشاورت کانپوءِ موثر حڪمت عملي جوڙي ۽ بنا ڪ??هن جواز جي تنقيد ٿيڻ جي باوجود حڪومت ڪ??هن دٻاءُ ۾ نه آئي، اڄ پوري دنيا کي احساس ٿي ويو آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون مسئلي جو حل نه آهي. ملڪ ?? ڪورونا ج?? صورتحال ۽ وبا کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ان ڳالهه جو اندازو هو ته وقت سان گڏ ڪورونا ج?? متاثرين ۽ ان وبا سبب ٿيندڙ فوتگين ۾ اضافو ٿيندو پر ان حوالي سان مخالف ڌر جي بنا ج??از تنقيد افسوس جوڳي آهي، مخالف ڌر ڪشمير جي مسئلي وانگر ڪورونا ج?? ايشو کي به پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿي.