اسل??م آباد – 04 جون (اي پي پي) وفاقي وزير ??سد عمر جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن اسل??م آباد ۾ من??قد ٿيو، اجلاس ۾ ڪابينا ڪميٽي توانائي واري وزارت جي ڊيزل ۽ پيٽرول جي درآمدات کي يورو V معيار موجب ڪرڻ جي سفارشن جي من??وري ڏني وئي، انهن مصنوعات ۾ سلفر جي گهٽ مقدار جي ڪري فضائي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪيترائي ميداني علائق?? سردين ۾ ڌنڌ (سموگ) جو شڪار رهندا آهن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ت?? پيٽروليم ڊويزن ملڪ ۾ موجود تيل صاف ڪندڙ ڪارخانن سان يورو V کي ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندي، ڪابينا ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پهرين آگسٽ 2020ع کان پوءِ آئل ڪمپنين کي صرف يورو V پيٽرول درآمد ڪرڻ جي اجازت هوندي، ڪابينا ڪميٽي جي فيصلي موجب جنوري 2021ع کان صرف يورو V ڊيزل درآمد ڪرڻ جي اجازت هوندي ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارا تفصيلي پلان تيار ڪندا.