اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته غ??يب ۽ پٺتي پيل طبقي جي بح??لي وزيراعظم جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان مشڪل دور مان گذري رهيو آهي ۽ هي وقت نڪري ويندو. هو پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ اخبار وڪرو ڪندڙن ۾ پاڪستان بيت المال ۽ اپيل پاڪستان جي اهتمام هيٺ راشن ورهائڻ وار?? تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ به ڪورونا وبا انهي شدت سان آئي آهي پر الله جو شڪر آهي ايترو نقصان نه ٿيو جيترو ٻين ملڪن ۾ ٿيو.