ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان سان ساهيوال ڊويزن سان تعلق رکندڙ پارليامينٽرينز ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ راءِ محمد مرتضيٰ اقبال، سيد صمصام علي بخاري، ملڪ نعمان احمد لنگڙيال، چوڌري محمد نوريز شڪور، شيخ محمد چوهاڻ، ملڪ فيصل جلال ڍڪو، مهر ا??شا?? حسين ڪاٺيا، وحيد اصغر ڊوگر، سيد محمد مظفر کگا، راءِ حسن نواز خان، فيض الله ڪموڪا، شڪيل احمد نيازي، راڻا آفتاب احمد، نبيلا اعواڻ، ڊاڪٽر مظهر شيرازي ۽ وسيم ??امي شريڪ هئا. پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار ۽ پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. وفد ساهيوال جو دورو ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ سياسي معاملن، عوامي ڀلائي، ترقياتي منصوبن، خاص طور تي صحت، تعليم ??ي سهولتن جي فراهمي، زرعي شعبي جي ترقي جي حوالي سان جاري قدمن ۽ مستقبل جي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ پارليامينٽرينز چيو ته وزيراعظم عمرا?? خان جي اسلامي فلاحي رياست جي ويزن جي روشني ۾ عوام جي ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.