اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي تي زور ڏ??ندي چيو آهي ته مسلمان ملڪ جديد سائنسي علم جي تعليم تي ڌيان ڏئي دنيا ۾ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري سگهن ٿا، هو اخلاق ۽ علم جي مجم??عي سان دنيا ۾ اڀري سامه??ن اچي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلوبل الفارابي فورم جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.