اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ پنجاب جي 11 تعلقن ۾ 10 هزار سستن گهرن جي تعمير جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکي رهيو آهي، 50 لک گهرن جي تعمير جو واعدو عملي صورت اختيار ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته بئنڪن ۾ وزيراعظم هائوسنگ اسڪيم تحت 52 ارب رپيا حاصل ڪرڻ جون درخواستون اچي چڪيون آهن ۽ 12 ارب جاري ٿي چڪا آهن.